21 بدھ , نومبر 2018

چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر بڻائڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف پنجاب ۾ مضبوط اسپيڪر آڻڻ لاءِ چوڌري پرويز الاهي جو نالو تجويز ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب تحريڪ انصاف پنجاب ۾ سادي اڪثريت جي دعويٰ ڪرڻ کانپوءِ هاڻي صوبي ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر سميت ٻين عهدن لاءِ مشورن جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. ذريعن موجب تحريڪ انصاف پنجاب ۾ مضبوط ۽ تجربيڪار شخصيت کي اسپيڪر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن لاءِ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير ۽ مسلم ليگ ق اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي جو نالو سامهون آيو آهي.  ذريعن موجب تحريڪ انصاف پنجاب ۾ مضبوط ۽ تجربيڪار شخصيت کي اسپيڪر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب تحريڪ انصاف قيادت پرويز الاهي کي اسپيڪر بڻائڻ جي حمايت ڪئي آهي هاڻي ليگي اڳواڻ جي راضپي سان کيس اسپيڪر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے