13 منگل , نومبر 2018

اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊن لاءِ سمري تيار ڪري ڇڏي

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊن جي سمري تيار ڪري ڇڏي آهي جنهن تحت آگسٽ جي آخر يا وري سيٽپمبر جي پهرين هفتي ۾ چونڊ ڪرائي سگهجي ٿي. صدر ممنون حسين جو مدو 9 سيپٽمبر 2018ع تي ختم ٿي رهيو آهي. آئين تحت اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊن جي سمري تيار ڪري چيف اليڪشن ڪمشنر کي موڪليندي آهي. ذريعن موجب صدارتي چونڊ آگسٽ جي آخري يا سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ ڪرائي سگهجي ٿي، ان سلسلي ۾ آخري شيڊول جو اعلان قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي قسم کڻڻ کانپوءِ جاري ڪيو ويندو. آئين تحت صدر جي آئيني مدو پورو ٿيڻ جي 30 ڏينهن اڳ چونڊون ڪرائڻيون هونديون آهن ۽ صدر ممنون حسين جو مدو 9 سيپٽمبر 2018ع تي پورو ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے