20 منگل , نومبر 2018

تحريڪ انصاف جو بني گالا ۾ اجلاس، حڪومت ٺاهڻ بابت اهم فيصلن جو امڪان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ تحريڪ انصاف جو بني گالا ۾ اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ اهم فيصلن جو امڪان آهي. ذريعن موجب تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ چئني صوبن ۽ پارٽي جي مرڪزي قيادت شريڪ آهي، جڏهن ته عمران خان ايندڙ ٻن ڏينهن لاءِ مبارڪ ڏيڻ لاءِ ايندڙ مهمانن سان ملاقات به ملتوي ڪري ڇڏي آهي. عمران خان لاهور ۾ مصروف بابر اعواڻ کي به فون ڪري فوري طور بني گالا گهرائي ورتو آهي جنهن سان حڪومت ٺاهڻ بابت اهم معاملن تي مشورو ڪيو ويندو. بني گالا ۾ ٿيندڙ اڄوڪي اجلاس ۾ وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ کانسواءِ ڪي پي ۾ اڪٿريت باوجود وڏ وزارت جي معاملي تي ڊيڊ لاڪ ۽ پنجاب ۾ وڏي وزير جي نالي تي افواهن تي به غور ڪيو ويندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ ڪي پي ۽ پنجاب ۾ وڏي وزير لاءِ ڪنهن آخري نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو. تحريڪ انصاف قيادت وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل نمبر حاصل ڪرڻ لاءِ مطمئن ٿي چڪي آهي. اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ ۽ نئين چونڊيل ايم پي اي عاطف خان کي به طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ وڏي وزير لاءِ عليم خان جو نالو سامهون اچڻ بعد کيس به اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سبي: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا قتل، هڪ زخمي

سبني (ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعي سبي ۾ اڻڄاتل هٿياربندي جي فائرنگ ۾ ٻه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے