16 جمعہ , نومبر 2018

يوسف رضا گيلاني جي تڪ ۾ اميدوار جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جو حڪم

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ ملتان بئنچ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي تڪ اين اي 158 تي منع نامو جاري ڪري ڇڏيو ۽ ڪامياب اميدوار جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ ملتان بئنچ ۾ يوسف رضا گيلاني اين اي 158 تان اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن چئلينج ڪيو، درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن، آر او ۽ ٻين ڌرين کي ڌر بڻايو ويو آهي.  درخواست ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي اميدوار گهٽ مارجن تان ڪاميابي حاصل ڪئي، آر او کي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڪئي پر رد ڪئي وئي. عدالت کي درخواست آهي ته  اين اي 158 ملتان ۾ اميدوار  جي ڪاميابي جو  نوٽيفڪيشن روڪيو وڃي ۽ تڪ ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وڃي. عدالت درخواست منظور ڪندي اين اي 158 تان اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت اليڪشن ڪميشن، آر او ۽ ٻين کي 2 آگسٽ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايس پي طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جي ٽي آءِ قائم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گم ٿيڻ بعد افغانستان ۾ قتل ٿيل ايس پي طاهر داوڙ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے