18 اتوار , نومبر 2018

رپورٽ: قومي شاعر ابراهيم منشي جي 15 هين ورسي ملهائي پئي وڃي

National poet Ibrahim Munshi's 15th anniversary is being made “ نٿو جو سنڌ لاءِ لڙي ” سميت ڪيتريون ئي شاهڪار سٽون سرجيندڙ سنڌ جي عوامي، انقلابي ۽ قومي شاعر ابراهيم منشي جي اڄ 15 هين ورسي ملهائي پئي وڃي.

ابراهيم منشي 15 جنوري 1934ع تي ڳوٺ جنهاڻ سومري، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ديني عالم، شاعر ۽ مولوي محمد اسحاق سومرو جي گهر ۾جنم ورتو.

ننڍپڻ ۾ئي ابراهيم منشي جو والد لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن ڪري هو صرف پنجين درجي تائين تعليم پرائي سگهيو ۽ گهر جو چرخو هلائڻ لاءِ مزدوري سان لڳي ويو.

ابراهيم منشي قومي درد سان سرشار شخص هو، جنهن کي هن عوامي ذهنن تائين رسائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ ان ۾گهڻي حد تائين ڪامياب ويو.

هن 1949 ع ۾شاعريءَ جي شروعات ڪئي، هو پنهنجي شاعري ترنم سان پڙهندو هو.

ابراهيم منشي جي مشهور گيتن ۾“ نٿو جو سنڌ لاءِ لڙي ” “هڪ مند چري آهي” ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن.

ابراهيم منشي جي قومي شاعري سنڌ جو آواز ٿي اڀري، اهو ئي سبب هو جو کيس 1972 ع 73 ، 74 ۽ 1975 ع ۾جيل جي سختين سان منهن ڏيڻو پيو.

جيل جي سختين ابراهيم منشي کي وڌيڪ سگهارو ڪيو، قومي هلچل ۽ سجاڳي سندس نس نس ۾شامل هئي.

ابراهيم منشي جي شاعري عوام ۾ وڏي مقبوليت ماڻي جنهن جي نتيجي ۾ 1983ع تي ابراهيم منشي کي ٻيهر جيل جو منهن ڏسڻو پيو.

ابراهيم منشي جي شعري مجموعن ۾“گوندر ويندا گذري” “ڌرتي، دين، ڌرم” “پيغام مظلوم”  “ڌؤنري ڏينهن ڌاڙا” “ اکر اکر اک” ۽ ٻيا شامل آهن.

هي عوامي ۽ انقلابي شاعر 31 جولاءِ 2003ع تي هميشه لاءِ وڇڙي ويو پر هو پنهنجي گيتن ذريعي اڄ به پرستارن جي دلين ۾زندهه آهي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے