21 بدھ , نومبر 2018

نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايون فيلڊ ريفرنس ۾ قيد جي سزا ماڻيندڙ وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس گل حسن اورنگزيب ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. گذريل ٻڌڻي تي عدالت سمورين اپيلن تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪيو هو. ٻڌڻي شروع ٿي ته جسٽس عامر فاروق ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب سردار مظفر عباسي کي هدايت ڪئي ته هو اڳ ٻن ريفرنسز جي ٻي عدالت منتقلي جي ڏوهارين جي درخواست تي دليل ڏئي، جنهن تي سردار مظفر عباسي چيو ته سڀ کان اڳ درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي فيصلو ڪيو وڃي. نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث ٻه ريفرنسز ڪنهن ٻي ۽ احتساب عدالت ڏانهن منتقل ڪرڻ جي درخواست تي دليل ڏيندي چيو ته احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي چڪي آهي، فليگ شپ ۽ العزيزيا ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهن، ٽنهي ريفرنسز ۾ بچاءُ هڪ جهڙو آهي. خواجا حارث چيو ته ڪيسن ۾ قانوني نڪتا ۽ هڪ جهڙيون حقيقتون آهن، جنهن تي جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪيس منتقل ٿيڻ سان ٻڌڻي هيٺ ڪيس موجودا اسٽيج کان ئي شروع ٿيندا؟ جنهن تي نواز شريف جي وڪيل چيو ته ها بلڪل، ٻئي ريفرنس ساڳي اسٽيج کان شروع ٿيندا. جج خواجا حارث کي چيو ته توهان اهو چاهيو ٿا ته ٻه ريفرنس ڪنهن ٻي ۽ احتساب عدالت منتقل ڪيا وڃن، جنهن تي سندس چوڻ هو ته ها بلڪل، ڇو ته ايون فيلڊ ريفرنس تي فيصلي کانپوءِ جج صاحب پنهنجو ذهن ٺاهي چڪا آهن. پوءِ عدالت نواز شريف ۽ ٻين خلاف نيب ريفرنس جي منتقلي بابت درخواستن جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistan, Malaysia agree to enhance cooperation in diverse fields

ملائيشيا ۽ پاڪستان طرفان مستقبل ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق

ڪولالمپور(ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ملائيشيا مستقبل ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے