14 بدھ , نومبر 2018

اسد عمر ڇنڇر ڏينهن موڪل ختم ڪرڻ واريون خبرون رد ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر سوشل ميڊيا تي ڇنڇر ڏينهن موڪل ختم ڪرڻ جي حوالي سان ايندڙ خبرن جي ترديد ڪئي آهي. تحريڪ انصاف عام چونڊن ۾ اڪثريت ماڻڻ کانپوءِ حڪومت سازي لاءِ تياري ڪري رهي آهي ۽ وفاقي ڪابينا ۾ اسد عمر کي ناڻي وارو وزير مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي. گذريل ڪجهه ڏينهن کان وٺي سوشل ميڊيا تي اهي افواهه گردش ڪري رهيا آهن ته اسد عمر وزارت سنڀالڻ کانپوءِ بئنڪنگ سيڪٽر ۽ ٻيا اهڙا حڪومتي ادارا، جتي ڇنڇر ڏينهن عام موڪل هوندي آهي، ختم ڪري ڇڏيندو. اهڙين خبرن جي اسد عمر پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ترديد ڪندي چيو ته ڪنهن به ڏينهن جي موڪل سان منهنجو ڪو واسطو ناهي، اهڙيون خبرون ڪير پکيڙي رهيو آهي؟.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے