19 پیر , نومبر 2018

مني لانڊرنگ اسڪينڊل: فريال ٽالپر خلاف عبوري چالان تي ڌريون طلب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳوڻ فريال ٽالپر طرفان ميگا مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ ايف آءِ اي جي عبوري چالان پيش ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڌرين کي 9 آگسٽ تي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. فريال ٽالپر جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته چالان جي ڪالم نمبر ٻه ۾ فريال ٽالپر کي مفرور قرار ڏنو ويو آهي، ڪنهن کي خبر نه هئي ته فريال ٽالپر چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي ۽ پي ايس 10 مان چونڊجي به وئي. فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته ڪالم نمبر ٻه ۾ شامل ماڻهن کي به ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي، يا ته ٻڌايو وڃي، فريال ٽالپر تي الزام ناهي اسان هليا وينداسين. هن چيو ته ايف آءِ اي جي ايف آءِ ار ۾ مني لانڊرنگ جو ذڪر ناهي ۽ چالان ۾ فريال ٽالپر جو ڪو ڪردار واضح ناهي. فاروق ايڇ نائيڪ ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو عدالتون ئي ته اسان کي تحفظ ڏينديون، ٻيو ڪير ڏيندو، ايف آءِ آر ۾ ڪٿي به ظاهر ناهي ته ڪميشن يا بدعنواني ٿي هجي. هن مطالبو ڪيو ته ايف آءِ اي جي عبوري چالان تي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن عدالت درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ بابت به دليل طلب ڪيا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے