22 جمعرات , نومبر 2018

ڪراچي ۾ 4 هزار 168 سرڪاري ڪوارٽرن تي قبضي جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل هڪ رپورٽ ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو آهي ته ڪراچي ۾ 4 هزار 168 سرڪاري ڪوارٽرن تي قبضو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس مظهر عالم خان تي ٻڌل بئنچ سرڪاري هنڌن تي قبضي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان دوران سرڪاري ڪوارٽرن ۾ رهندڙ ماڻهن طرفان درخواست ڪئي وئي ته حڪومت کي گهر خالي ڪرائڻ کان روڪيو وڃي پر عدالت ان معاملي تي اسٽي آرڊر ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ٻڌڻي دوران رٽائرڊ ملازمن طرفان چيو ويو ته اسان 20-20 سال کان ڪوارٽرن ۾ رهون پيا، ان تي جسٽس مشير عالم چيو ته ڪير 100 سالن کان به رهي رهيو هجي، قبضو قانوني نه ٿي ويندو، حاضر سروس ملازمن کانسواءِ ڪنهن جو به سرڪاري گهر تي حق ناهي. ان موقعي تي ڊپٽي اٽارني جنرل طرفان عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي. جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ 4 هزار 168 سرڪاري ڪوارٽرن تي قبضو آهي. مارٽن ڪوارٽرز ۾ 639 ۽ پٽيل پاڙي ۾ 301 گهرن تي قبضو آهي، ساڳي ريت گارڊن ۽ پاڪستان ڪوارٽرز ۾ 49 گهرن تي قبضو آهي، جڏهن ته باٿ آءِ لينڊ تي قبضو ختم ڪرايو ويو آهي. عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته رهواسين کي حتمي نوٽيس جاري ڪري اشتهار به هلايا ويا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے