17 ہفتہ , نومبر 2018

عسڪري پارڪ ۾ ڪِرندڙ جهولو استعمال ٿيل هو، مٽيريل ناقص هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عسڪري پارڪ ۾ جهولو ڪرڻ تي جاچ ڪميٽي رپورٽ سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي پيش ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته جهولو توازن وڃائڻ ۽ غلط فٽنگ سبب ڪِريو، جهولو آپريٽ ڪندڙ عملي کي ڪا تربيت نه هئي، جهولي ۾ استعمال ڪيل مٽيريل ناقص هيو، جڏهن ته چين مان گهرايل اهو جهولو استعمال ٿيل هو. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته جهولو توازن وڃائڻ ۽ غلط فٽنگ سبب ڪريو، آپريٽ ڪندڙ عملي کي به ڪا تربيت نه هئي. ٻڌايو ويو آهي ته جهولي ۾ استعمال ٿيل مٽيريل هٿ آيو، چين مان گهرايل هو جهولو استعمال ٿيل هو. رپورٽ موجب جهولي جي ويلڊنگ ناقص هئي، جهولو هڻندڙ ۽ آپريٽ ڪندڙ جو ڪو ايس او پي نه هو، ٻه جولاءِ جي انسپيڪشن ۾ جهولي جي فٽنگ تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نه نٽ بولڊ صحيح لڳايا ويا هئا، نه وري ويلڊنگ مناسب هئي، جنهن جو ذميوار ٺيڪيدار، آپريشنل ۽ آڊٽ ٽيم آهي. جاچ ڪميٽي پنهنجي سفارشن ۾ چيو آهي ته پارڪ کولڻ کان اڳ سمورن جهولن جي انسپيڪشن ڪرائي وڃي ۽ جهولو لڳائڻ توڙي هلائڻ بابت ايس او پيز ٺاهيون وڃن. واضح رهي ته 15 جولاءِ تي عسڪري پارڪ ۾ جهولو ڪرڻ سبب 14 ورهين جي نينگري ڪشف فوت، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا هئا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے