15 ہفتہ , دسمبر 2018

وڏين مڇين ۾ قانون موجب هٿ وڌو ويندو: نيب چيئرمين

NAB is not targeting any party: Javed Iqbalاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته وڏين مڇين ۾ قانون موجب ئي هٿ وڌو ويندو، ڪنهن سان به امتيازي ورتاءُ نه ڪنداسين. جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بدعنواني ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري لاءِ پاليسي جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن پاليسي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. جاويد اقبال جو چوڻ هو ته ڪرپشن جي ننڍن ڪيسن جي ڀيٽ ۾ نيب جي پاليسي اها آهي ته اسان وڏي ۽ ميگا اسڪينڊلز جي جاچ کي ترجيح ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته نيب ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ امتيازي پاليسي تي يقين نٿو رکي، گرفتاريون بنا امتياز، شاهدين ۽ قانون موجب ٿينديون آهن. سندس چوڻ هو ته نيب عدالت ۾ ڏوهاري تي لڳايل الزام پيش ڪندو آهي، احتساب عدالت وڌيڪ جاچ لاءِ جوابدارن جو رمانڊ ڏيندي آهي، بدعنواني ۾ ملوث وڏين مڇين ۾ قانون موجب هٿ وڌو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے