17 ہفتہ , نومبر 2018

رپورٽ: نامياري گلوڪار محمد رفيع جي اڄ 38هين ورسي ملهائي پئي  وڃي

Nominated singer Mohammad Rafi today will be 38th anniversary*ننڍي کنڊ جي عظيم گلوڪار محمد رفيع جي اڄ 38هين ورسي ملهائي پئي  وڃي.

24 ڊسمبر 1924 تي ڪوٽلا سلطان سنگ ۾ جنم وٺندڙ محمد رفيع ٻالڪپڻي ۾ ئي آوازن جي نقل ۾ ڪمال مهارت رکندو هو.

ننڍي ڄمار ۾دوستن طرفان ملندڙ حوصلا افزائي بعد هن گلوڪار ٿيڻ ۽ پنهنجي قسمت آزمائڻ جو فيصلو ڪيو.

1935ع ۾محمد رفيع جو ڪٽنب ڀارت کان هجرت ڪري لاهور آيو، محمد رفيع جو آزاز ٻڌي سندس ڀيڻويي کيس استاد وڏي غلام علي خان جو شاگرد بڻائي ڇڏيو، جنهن کان محمد رفيع گلوڪاري جي بنيادي سکيا ورتي.

13ورهين جي ڄمار ۾محمد رفيع کي پهريون ڀيرو هڪ ڪنسرٽ ۾ ڳائڻ جو موقعو مليو ۽ ان بعد هن پوئتي نه ڏٺو.

1941 ع ۾کيس پهريون ڀيرو فلم گل بلوچ لاءِ گيت ڳائڻ جو موقعو مليو، جنهن بعد هو ممبئي هليو ويو ۽ بالي ووڊ ۾ قسمت آزمائي.

فلم جگنو ۾سندس آواز ۾ رڪارڊ گيت “يهان بدلا وفا ڪا” ايتري قدر مقبول ٿيو جو راتو رات محمد رفيع بالي ووڊ جو مشهور گلوڪار بڻجي ويو.

محمد رفيع جي ڳايل گيتن ۾ “ بهارو ڦول برسائو ” “ڪيا هو تيرا واعدا” “يي دنيا يي محفل” “بڙي مستاني هي ميري محبوبا ” ۽ ٻيا شامل آهن.

1948 ع ۾محمد رفيع کي تڏهوڪي وزيراعظم نهرو سرڪاري مهمان جي حيثيت سان وزيراعظم هائوس دعوت ڏني ۽ سندس گيت ٻڌا، ساڳئي سال ۾ محمد رفيع کي حڪومت طرفان چاندي جي ٻلي جو حقدار به قرار ڏنو ويو.

محمد رفيع نوشاد، او پي نيئر، شنڪر جي ڪشن ۽ ايس ڊي برمن جهڙن وڏن موسيقارن سان گڏ گم ڪيو.

اهو سندس خوبصورت آواز جو ڪمال ئي هو جو کيس فلم “چودوين ڪا چاند” جي ٽائيٽل سانگ تي فلم فيئر ايوارڊ مليو.

اندازي موجب سندس ڪل گيتن جو انگ 28 هزار جي ويجهو آهي، جن ۾ 11 ٻولين ۾ ڳايل گيت  شامل آهن.

سندس فلمي گيت جو انگ 4 هزار 5 سئو 16، غير فلمي گيت هڪ سئو 12 ۽ ان کانسواءِ ڪيترائي گيت ۽ ڀڄڻ شامل آهن.

محمد رفيع اڄ اسان وچ ۾ناهي، پر سندس آواز اسان سان هميشه گڏ رهندو…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے