17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: ٽنڊو الهيار: نوجوان جو مبينا تشدد ٿيل لاش هٿ، وارثن پاران پوليس تي قتل جو الزام

Tando Allahyar: Young body's operation targeted violence, families of murder charges by policeٽنڊي الهيار ڀرسان مقتول نوجوان جي وارثن پوليس تي قتل جو الزام هڻي ڇڏيو.

ٽنڊو  سومرو ڪالوني  جي رهواسي اختر شاهه جي وارثن چيو ته پوليس اختر شاهه کي رات وقت گرفتار ڪيو ۽ اڄ کين ٻڌايو ويو ته سندس لاش مليو آهي.

هنن الزام هنيو ته پوليس گرفتاري بعد اختر شاهه کي قتل ڪيو آهي، اعليٰ اختياريون واقعي جي جاچ ڪرائي ساڻڻ انصاف ڪن.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي عمران رياض ٻڌايو ته پوليس عملدار کي زخمي ڪندڙ جوابدارن مان اختر شاهه جو لاش بقا ڏاهري ڀرسان ڪيلي جي فصل مان هٿ آيو آهي، کيس سول اسپتال آندو.

هن دعويٰ ڪئي ته نوجوان کي پوليس مقابلي ۾ ناهي ماريو ويو، خبر ناهي ته کيس ڪنهن قتل ڪري سندس لاش ڪيلي جي فصل ۾ اڇليو آهي.

سندس چوڻ هو ته واقعي جي جاچ جاري آهي، فرار ٿيل جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته پوليس عملدار تي فائرنگ ڪندڙ جوابدار اختر شاهه تي 302 جا  ٻن ڪيسن کان سواءِ ٻيا سنگين ڪيس داخل هئا، جن مان جوابدار فريادي ڌرين سان ٺاهه ڪري آزاد ٿيو هو………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے