21 بدھ , نومبر 2018

قومي ڪرڪيٽرن جي عمران خان سان ملاقات، ڪاميابيءَ تي مبارڪون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد، محمد حفيظ، عمر گل ۽ اڳوڻي ڪپتان وقار يونس بني گالا پهچي تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان سان ملاقات ڪئي. سرفراز احمد، محمد حفيظ ۽ عمر گل جو بني گالا پهچڻ تي جهانگير ترين آڌرڀاءُ ڪيو. ڪرڪيٽرن جي عمران خان سان ملاقات دوران اڳوڻو ڪپتان وقار يونس به موجود هو. قومي ڪرڪيٽرن عمران خان کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪ ڏني ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي تحريڪ انصاف سربراهه رانديگرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان کي ڪرڪيٽ ۾ نمبر ون ٽيم بڻائينداسين ۽ رانديگرن لاءِ بهترين موقعا فراهم ڪنداسين. رانديگرن جو ملاقات کانپوءِ چوڻ هو ته ماضي جي عظيم آل رائونڊر ۽ اڳوڻي ڪپتان ملاقات ۾ ان ڳالهه جو اشارو ڏنو آهي ته هو اقتدار ۾ اچي ڪرڪيٽ معاملن کي درست ڪندو ۽ پاڪستاني ٽيم کي دنيا جي ٽاپ ٽيم بڻائڻ سندس ترجيحن ۾ شامل آهي. عمران خان، سرفراز احمد کي چيو ته پاڪستاني ٽيم سٺي کيڏي رهي آهي ۽ مون کي اميد آهي ته ٽيم وڌيڪ بهتر ڪري ڏيکاريندي، منهنجون نيڪ خواهشون پاڪستاني ٽيم سان گڏ آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب بينڪن کان شهباز شريف جي اڪائونٽن جي تفصيل گهري ورتي

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو بينڪن ۽ مالياتي ادارن کان پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے