19 پیر , نومبر 2018

ترڪ صدر جو عمران خان سان رابطو، ڪاميابيءَ تي واڌايون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر ٽيليفون تي عمران خان کي ڪاميابيءَ جون واڌايون ڏنيون آهن. ترڪ صدر رجب طيب اردگان تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان سان ٽيليفون رابطو ڪيو، جنهن دوران هن کيس ڪاميابيءَ تي مبارڪ ڏني ۽ ايندڙ حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ لاڳاپن جي نئين دور جي شروعات تي اتفاق ڪيو. عمران خان ترڪ صدر جا ٿورا پڻ مڃيا. ان کان اڳ گڏيل عرب امارتن جي سفير بني گالا ۾ عمران خان سان ملاقات ڪري کيس ڪاميابيءَ تي مبارڪ ڏني هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے