15 ہفتہ , دسمبر 2018

رپورٽ: ڪوٽڙي : فئڪٽرين مان نڪرندڙ زهريلو پاڻي واهن ۾ڇوڙ، رهواسي بيمارين ۾وٺجي ويا!

Kotri: The poisonous water coming out of the fracturists came to the west, and lived in leprosy illness!*سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾بدانتظامي ۽ لاپرواهي سبب رهواسي ڪيترن ئي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ڪوٽڙي جي صنعتي زون مل ايريا ۾فئڪٽرين مان نڪرندڙ زهريلو پاڻي واهن ۽ شاخن ۾ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب رهواسي بيمارين ۾وٺجي ويا آهن.

علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن راجا سڪندر ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته فئڪٽرين جو زهريلو پاڻي انهن واهن ۽ شاخن ۾ڇوڙ ڪيو پيو وڃي جتان ڪوٽڙي سميت ڪراچي جي اڍائي ڪروڙ آبادي کي پيئڻ لاءِ پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي….ايس او ٽي..

شهرين جو چوڻ آهي ته پاڻي ڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم علائقي جي دوري دوران انتظاميا کي فئڪٽرين مان نڪرندڙ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جو الڳ بندوبست ڪرڻ ۽  رهواسين کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي هئي جنهن تي اڃا تائين عمل ناهي ٿي سگهيو.

رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته فئڪٽرين جي زهريلي پاڻي کي واهن ۾ڇوڙ ڪرڻ جو نوٽيس وٺي سندن مسئلو حل ڪري ڪروڙين ماڻهن کي بيمارين کان بچايو وڃي…..

ڪئميرامين نعمان راجپوت سان گڏ نويد راجپوت عوامي آواز ٽي وي ڪوٽڙي….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: استادن جي حقن لاءِ نڪتل پ ٽ الف جو مارچ ڌاٻيجي پهچڻ تي شاندار آجيان

پ ٽ الف پاران استادن جي حقن لاءِ ڳڙهي خدابخش مان نڪتل لانگ مارچ ڌاٻيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے