21 بدھ , نومبر 2018

پنجاب ۾ حڪومت سازي لاءِ اسان هدف مڪمل ڪري ورتو: جهانگير ترين

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو ته بهاولنگر مان آزاد اميدوار ملڪ عمر فاروق پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪئي، اجمل چيما ۽ ملڪ عمر فاروق کي شموليت تي واڌايون پيش ڪيان ٿو. ميڊيا جي رپورٽن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ جهانگير ترين بني گالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب ۾ حڪومت سازي جي لاءِ اسان پنهنجو هدف مڪمل ڪري ورتو آهي، اسان حڪومت سازي جي حوالي سان ڪافي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جلد ئي عمران خان ان جو اعلان ڪندو. هن چيو ته بهاولنگر مان آزاد اميدوار ملڪ عمر فاروق پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪئي، اسان هن کي هڪ نئون پاڪستان بڻائڻ جي آڇ ڪئي آهي، جنهن کي هن قبول ڪيو آهي، اجمل چيما آزاد حيثيت سان وڙهي پراڻي سايسي فيملي کي شڪست ڏني آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آشيانه اقبال اسڪينڊل: نيب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ ) نيب آشيانا اقبال اسڪينڊل ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے