21 بدھ , نومبر 2018

نگران حڪومت پاران پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو

The decision of maintaining the price of Petroleum Products by the Supervisory Governmentاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت آگسٽ جي ميهني ۾ پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي واري وازرت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ڊيزل جي موجودا قيمت 112.94 رپيا في ليٽر، مٽي جي تيل في قيمت 83.96، لائٽ ڊيزل جي قميت 75.37 رپيا في ليٽر جڏهن ته پيٽرول جي موجودا قيمت 95. 24 رپيا في ليٽر برقرار رهندي. ناڻي واري وزارت موجب اوگرا عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم واري شين جي اگهن ۾ واڌ سبب قيمتون وڌائڻ جي سفارش ڪئي هئي پر پيٽروليم جا اگهه ناهن وڌايا ويا. جاري ڪيل پريس ريليز موجب پيٽروليم واري شين جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته آگسٽ ۾ پيٽروليم واري شين جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ واريون خبرون گردش ڪري رهيون هيون. گذريل مهيني نگران حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 7 رپيا 54 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي هئي جنهن بعد پيٽرول جو نئون اگهه 99.55 رپيا ٿي ويو هو. پر بعد  ۾ ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي هئي جنهن بعد پيٽرول 95 رپيا 24 پيسن ۾ دستياب آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف سان ڪيمبرين پيٽرول ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ٽيم جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته آرمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے