16 اتوار , دسمبر 2018

ڪراچي: ڀٽائي آباد مان نينگري جو لاش هٿ، زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جي تصديق

Karachi: The body of the nineteen from Bhitabat, confirmed to be abducted after extortionڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني واري علائقي گلستان جوهر ويجهو ڀٽائي آباد ۾ گذريل ڏينهن نينگري لاش هٿ آيو، جنهن کي زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو .سينيئر سپرنٽنڊنٽ پوليس( ايس ايس پي) ملير منير شيخ ٻڌايو ته ميڊيڪل رپورٽ موجب نينگري سان زيادتي ڪئي وئي ۽ پوءِ کيس گهٽو ڏئي قتل ڪيو ويو جڏهن سندس لاش تي سگريٽ سان ساڙڻ جا نشان پڻ  موجود آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ائين لڳي رهيو آهي ته نينگري سان اڳ ۾ زيادتي ٿيندي رهي آهي. ايس ايس پي ملير موجب ٻارڙيءَ  جا والدين ناهن ۽ هو پنهنجي ڀيڻ سان گڏ رهندي هئي. نينگري جو لاش گهر مان ئي مليو ، جنهن کي نينگري جي ڀيڻيوي اسپتال پهچايو هو. ايس ايس پي  ملير موجب نينگري جي ڀيڻيوي ۽ چاچي کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اڃان تائين حتمي طور تي جوابدار جي حوالي سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي، پر جاچ جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ جي جمهوريت لاءِ جدوجهد وقت عمران خان سياسي طور پيدا به نه ٿيو هو: قمر زمان ڪائرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته جنهن وقت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے