17 ہفتہ , نومبر 2018

اين اي 60 ۾ چونڊ ملتوي وارو معاملو: سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

Election Deals in NA-60: The Supreme Court declared the notice of the Election Commission terminatedاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 60 ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته  مون چيو هو ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون جنهن تي درخواست گذار شيخ رشيد چيو ته ڪامياب چونڊون ڪرائڻ تي سڄي قوم توهان جي ٿورائتي آهي. شيخ رشيد چيو ته هن قوم مٿان توهان احسان ڪيو آهي، روالپنڊي ۾ اسپتال شروع ڪرڻ سان منهنجو ڪو به ذاتي فائدو ناهي پر توهان عوام جو فائدو ڪيو، توهان عظيم انسان آهيو. درخواست گذار شيخ رشيد چيو ته اليڪشن ڪميشن جيڪو ڪجهه ڪيو ته ان تي مان پنهنجي درخواست واپس وٺان ٿو جڏهن  ته عدالت اين اي 60 ۾ چونڊ ملتوي ڪرڻ تي الڪيشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو ته ڄاڻايل تڪ تي ضمني چونڊ وقت تي ٿيڻ گهرجي. ياد رهي ته اين اي 60 تان مسلم ليگ ن جي اميدوار حنيف عباسي کي منشيات ٽوڙ واري عدالت طرفان  ايفيڊرين ڪيس ۾ قيد جي سزا ٻڌائڻ بعد اليڪشن ڪميشن ان تڪ ۾ چونڊ ملتوي ڪري ڇڏي هئي جنهن خلاف شيخ رشيد سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيوهو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے