17 ہفتہ , نومبر 2018

سنڌ جي ترقيءَ لاءِ عملي قدمن جي ضرورت

سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان پيپلز پارٽي عام چونڊون کٽي حڪومت ٺاهڻ طرف وڃي رهي آهي. پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳ ۾ ئي اعلان ڪري چڪو آهي ته هن ڀيري به سيد مراد علي شاهه ئي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو سنڌ ۾ وڏو وزير هوندو. ڏٺو وڃي ته 2008ع کان 2013ع تائين ۽ 2013ع کان 2018ع تائين سنڌ تي لاڳيتو ڏهه سال پيپلز پارٽيءَ جي حڪمراني رهي ۽ هي ٽيون ڀيرو آهي جو پيپلز پارٽي عوام جو مينڊيٽ حاصل ڪرڻ بعد ايندڙ پنجن سالن لاءِ وري به سنڌ ۾ حڪومت پئي ٺاهي.

2008ع کان 2013ع ۽ 2013ع کان 2018ع تائين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ بابت سنجيده نوعيت جا سوال اٿندا رهيا، چيو ويو ته ملڪ جي چئني صوبن خاص ڪري پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ڀيٽ ۾سنڌ کي بهتر نه پر خراب حڪمراني ملي.

2008ع کان وٺي شروعاتي اٺ سال ته سيد قائم علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير رهيو، حڪومت جو آئيني مدو ختم ٿيڻ ۾ جڏهن ٻاويهه مهينا مس بچيا ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ قائد ايوان تبديل ٿيو ۽ سيد قائم علي شاهه جي جاءِ سيد مراد علي شاهه والاري، جنهن جي ڪارڪردگي سيد قائم علي شاهه جي ڀيٽ ۾ ته بهتر رهي پر مجموعي طور انهن ڏهن سالن ۾ سنڌ ۾ جيڪا ترقي ٿيڻ کپي ها، سنڌ تنهن کان محروم رهي، غير اطمينان بخش ڪارڪردگيءَ جي ڪري سمجهيو اهو ٿي ويو ته ٿي سگهي ٿو ته پيپلز پارٽي 2018ع وارين عام چونڊن ۾ صوبي اندر پنهنجي پوزيشن وڃائي ويهي پر هنن چونڊن ۾ ان کي ماضيءَ کان به وڌيڪ سيٽون مليون آهن. يعني اڳ جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري وڌيڪ سيٽن سان پ پ حڪومت ٺاهيندي، اڪيلي سر ٺاهيندي ۽ ان کي ڪنهن به اتحاديءَ جي ضرورت نه پوندي.

ڏٺو وڃي ته سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن ڪو مضبوط ۽ مناسب متبادل نه هئڻ ڪري هميشه پنهنجو ووٽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي کاتي ۾ ئي وڌو آهي، اهڙي غيرمشروط حمايت جيڪا شايد ئي ڪنهن ٻي جماعت کي هن ملڪ ۾ ڪنهن به صوبي ۾ يا ڪنهن به هنڌ حاصل رهي هجي پر افسوس جو پيپلز پارٽيءَ کي به سنڌ جي ۽ سنڌي ماڻهن جي ان مينڊيٽ جي جيڪا ڀرپور موٽ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري سنڌ مان بک، بدحالي، بيروزگاري ختم ڪري ڏيڻ گهرجي ها، تنهن کان اڄ تائين سنڌ محروم رهي آهي.ٻيو ته ٺهيو سنڌ جو ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي جهڙي بنيادي سهولت کان به محروم آهي.

نئين سنڌ حڪومت، سنڌ جي نئين وڏي وزير لاءِ سڀ کان وڏي چيلينج سنڌ جي ماڻهن کي زهر ۽ گندگيءَ کان پاڪ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ صاف سٿري توڙي سرسبز سنڌ ڏيڻ آهي. سنڌ جو جر کارو ٿي ويو آهي، اڳ ۾ شهرن ۾ ماڻهو سرڪاري واٽر سپلاءِ اسڪيمن جو جيڪو پاڻي پيئندا هئا، تنهن جي معيار تي ته سوال اٿندا هئا پر نلڪن ذريعي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو جر جو جيڪو پاڻي پيئندا هئا، سو صاف سٿرو ۽ طاقتور هوندو هئو پر اڄ جر به زهريلو ٿي چڪو آهي ته واٽر سپلاءِ اسڪيمن ذريعي پيئڻ لاءِ ماڻهن کي جيڪو پاڻي ڏنو پيو وڃي سو به گندو، گدلو ۽ سيوريج جو پاڻي مليل هئڻ ڪري انساني صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار بڻجي ويو آهي.

ٻيو ته ٺهيو پر پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل آف رسرچ اينڊ واٽر رسورسز سنڌ جي اسپتالن ۾ مريضن کي پيئڻ لاءِ جيڪو پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، سو 85 سيڪڙو گدلو آهي. نه رڳو سانگهڙ، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر پر ڪراچيءَ جي لياري، ڪورنگي ۽ قطر اسپتالن ۾ به جيڪو پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي سو پيئڻ لائق ناهي. سو صاف ۽ معياري پاڻيءَ جي فراهميءَ کانسواءِ صحتمند سنڌ جي تعمير ممڪن ئي ناهي.

نئين سنڌ سرڪار کي پارٽيءَ جي حڪومتن جي ماضيءَ جي ڪارڪردگيءَ کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي ماڻهن جي دردن جي درمان لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، سنڌ جو ماڻهو اڄ صحت ۽ تعليم جي بنيادي ۽ معياري سهولتن کان محروم آهي، اڄ به سنڌ ۾ هزارين اهڙا اسڪول آهن جيڪي يا ته بند آهن يا وري بنيادي سهولتن کان محروم آهن. سو سنڌ جي تعليم سڌارڻ ان جو معيار وڌائڻ لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي، چوندا آهن ته جيڪي قومون پنهنجي تهذيبي، تمدن ۽ ثقافت جي حفاظت ڪنديون آهن، سي ئي دنيا جي قومن ۾ ڳاٽ اوچو ڪري جي سگهنديون آهن، سنڌ ۾ مهين جي دڙي کان مڪليءَ تائين ڪتي جي قبر کان ڪارونجهر تائين ڪيئي قديمي تهذيبي ماڳ به آهن ته منڇر کان ويندي ڪينجهر ۽ حمل تائين تاريخي ڍنڍون ۽ ڍورا به آهن ته کيرٿر جو شاندار ۽ تاريخي جابلو سلسلو به، جنهن جي وچ ۾ مريءَ جهڙو ”گورک ٽڪريءَ“ وارو ماڳ به اچي ٿو، سو نئين سنڌ سرڪار جيڪڏهن ڪراچيءَ کان بدين تائين سنڌ جي سوين ڪلوميٽر واري سامونڊي پٽي، سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ جبلن کي نظر ۾ رکندي ايندڙ پنجن سالن جو سياحتي پلان جوڙي ان تحت سنڌ جي سياحت کي ترقي وٺرائي ته ان سان به نئين سنڌ ۽ ترقي واري سنڌ دنيا کي ڏيکاري سگهجي ٿي. سڄي سنڌ اندر سياحت ۽ تفريح جي ماڳن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، جنهن کان سنڌ جا ماڻهو اڄ تائين محروم رهيا آهن.

نه رڳو ايترو پر مورڙي جي ماڳ ڪراچيءَ تي ڌيان ڌري ان کي به اهڙو شهر بڻائڻ جي ضرورت آهي، جهڙا دنيا جا بندرگاهه وارا شهر سياحت لاءِ پرڪشش هوندا آهن، ڪراچيءَ ۾ شاندار تفريحي سهولتن، شاندار شهري سهولتن ۽ روزگار جي وڌ ۾ وڌ ذريعن جي موجودگي ذريعي سنڌ جو نئون چهرو دنيا تي واضح ڪري سگهجي ٿو.

سنڌ ۾ روڊ رستا تباهه ٿيل آهي، سو بنيادي ڍانچي جي بحالي تي به خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. عوام جاڳي چڪو آهي، سوشل ميڊيا جي مضبوط هٿيار کي احتساب لاءِ استعمال به ڪري پيو سو ڪارڪردگي کان سواءِ آئيندا چونڊون کٽڻ ڪنهن به جماعت لاءِ ڪنهن وڏي امتحان کان گهٽ نه هونديون، پيپلز پارٽي کي هاڻي سنڌ جي ماڻهن جي ڏنل ڀرپور موٽ جو ڀرپور ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۽ سنڌ سنوارڻ ذريعي جواب ڏيڻ گهرجي.

اربع پهرين آگسٽ 2018ع، 18 ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے