18 اتوار , نومبر 2018

اتر ميڪسيڪو ۾ جهاز ڪري تباهه،جهاز ۾ سوار 85 مسافر معجزاڻي طور محفوظ

The ship crashed in North Mexico, 103 passenger riding in the plane was miraculously safeميڪسيڪو سٽي(ويب ڊيسڪ) اتر ميڪسيڪو ۾ هڪ مسافر جهاز ڪري تباهه ٿيڻ سبب 85 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته خوشقمستي سبب ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا. پرڏيهي خابرو اداري موجب ميڪسيڪو جي رياست ڊورنگو جي ايئرپورٽ تان اُڏام ڀرڻ جي 5 منٽن بعد هي ايرو ميڪسيڪو جو جهاز زمين تي اچي ڪريو. جهاز ۾ 2 ٻارن ۽ عملي جي 4 ميمبرن سميت 103 ڄڻا سوار هئا. جڏهن جهاز جي ڪرندي ئي ان ۾ باهه لڳڻ کان اڳ مسافرن ۽ عملي جهاز تان ٽپو ڏنو ۽ محفوظ رهيا. ميڊيا تي نشر ڪيل تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جهاز بلڪل تباهه ٿي چڪو آهي ۽ ان مان دونهون نڪري  رهيو آهي. ڊرونگو جي گورنر جوش روساس ايسپورو ٻڌايو ته جهاز جو کاٻو پر((Wing زمين سان ٽڪرائجي ويو، جنهن سبب جهاز جي ٻن انجڻن کي نقصان پهتو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جهاز ۾ باهه لڳڻ کان اڳ ئي مسافرن ايمرجنسي دورازي مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، حادثي ۾ جهاز جو پائلٽ سڀ وڌيڪ زخمي ٿيو، جڏهن ته هاڻ سندس طبعيت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي. جهاز ۾ سوار جيڪلين نالي هڪ مسافر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سخت برسات ۾ ٽيڪ آف ڪندي ئي جهاز ڪري تباهه ٿي ويو. جيڪلين فلورز ٻڌايو ته هن پنهنجي ڌيءَ سان گڏ هڪ سوراخ مان ٽپو ڏئي پنهنجي حياتي بچائي. ڇو جو جهاز ۾ دونهون ڀرجڻ سان گڏوگڏ ان ۾ باهه لڳڻ پڻ شروع ٿي وئي هئي. هن جو چوڻ هو ته پاسپورٽ ۽ ٻيو سامان سڙي خاڪ ٿي چڪو آهي،  پر جو خوش قسمت ۽ خدا جي ٿورائتي آهيان جو هوءَ محفوظ آهيان.ٻئي پاسي ايرو ميڪسيڪو ڪمپني پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي اسان کي ان واقعي تي تمام گهڻو افسوس آهي، ۽ اسان حادثي ۾ متاثر ٿيندڙن جي وارثن سان گڏ آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جدي ۾ قيد پاڪستانين جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

پشاور(ويب ڊيسڪ) جدي ۾ قيد پاڪستانين جو ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي، جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے