14 بدھ , نومبر 2018

مان پريانڪا کان بهتر آهيان: ميرا

I'm better than priyanka!:Meeraڪراچي(شوبز نيوز) لاليووڊ اداڪارا ميرا ڪڏهن پنهنجي گلابي انگريزي سبب خبرن ۾ هوندي آهي ته وري ڪڏهن پنهنجي جذبن جو اظهار اهڙي انداز ۾ ڪندي آهي جو سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي وٺندي آهي. ۽ هاڻ هن ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ هاليووڊ کي پريانڪا چوپڙا جي جاءِ تي سندس کي چونڊ ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. ياد رهي ته ويجهڙائي ۾ فلم فيئر ميگزين پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ مداحن کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو هو ته باليووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا کي ڪرسٽ پريٽ سان گڏ هاليووڊ جي نئين پروجيڪٽ ”ڪائو بوائي ننجا وِڪنگ“ لاءِ ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. پر جيئن ئي ميرا کي اها خبر پئي ته هن فلم فيئر ميگزين جي پوسٽ ٽوئيٽر تي شيئر ڪندي لکيو ته هوءَ پريانڪا چوپڙا کان بهتر اداڪارا آهي ۽ چيو ته ”هاليووڊ مهرباني ڪري منهنجي چونڊ ڪيو“ ميرا جي ٽوئيٽ ڪرڻ بعد واهپيدارن ان تي تبصرا شروع ڪري ڏنا. ڪنهن واقعي ميرا کي پريانڪا کان بهتر اداڪارا قرار ڏنو. ته وري ڪنهن چيو ته ميرا تمام سٺا ڀوڳ ڪندي آهي.  اهي سڀ ڳالهيون هڪ پاسي توهان ٻڌايو توهان جو ان باري ۾ ڇا خيال آهي؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

سارا علي خان پنهنجي ويڳي ماءُ جي نقش قدم تي هلڻ جي خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ ۾ نئي نئي انٽري ڏيندڙ اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے