14 بدھ , نومبر 2018

چونڊ مهم دوران گٿا لفظ ڳالهائڻ تان پرويز خٽڪ اليڪشن ڪميشن کان معافي گهري ورتي

During the election campaign, Pervaiz Khattak took an apology from the Election Commission by speaking the word اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چونڊ مهم دوران گٿا لفظ ڳالهائڻ تي اليڪشن ڪميشن ۾ معافي گهري ورتي آهي.چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ چونڊ مهم دوران پرويز خٽڪ جي غير اخلاقي زبان استعمال ڪرڻ واري معاملي جي ٻڌڻي ڪئي. پرويز خٽڪ پاران سندس وڪيل بشير مهمند پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران بشير مهمند موقف ڄاڻايو ته پرويز خٽڪ جيڪو ڪجهه چيو اهو غير اختياري هو، پنهنجي موڪل پاران ادا ڪيل لفظن تي  مان شرمنده آهيان ۽ ان عمل جي معافي گهران ٿو.اليڪشن ڪميشن رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن پرويز خٽڪ گٿا لفظ ڳالهائڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ته ان جو وڊيو ثبوت پيش ڪيو وڃي، اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 9 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي ڊاڪٽر فوزيه صديقي سان ملاقات

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڊاڪٽر سان ڊاڪٽر عافيه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے