14 بدھ , نومبر 2018

چيف اليڪشن ڪمشنر پاران  عام چونڊن جي نتيجن ۾ دير جو نوٽيس

Later notices in the results of general election by the Chief Election Commissionerڪراچي(ويب ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر عام چونڊن ۾ نتيجن ۾ دير جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. 25 جولائي تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جو رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم(آر ٽي ايس) ناڪام ٿيڻ سبب نتيجن ۾ دير ٿي هئي ۽ پهريون سرڪاري نتيجو صبح جو چئن وڳي جاري ڪيو ويو هو جڏهن ته نتيجا اچڻ جو سلسلو ٻئي ڏينهن تائين جاري رهيو. مخالف ڌر جي پارٽين عام چونڊن جي نتيجن ۾ دير تي چيف اليڪشن ڪمشنر سميت ٻين ميمبرن کان به استعفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. نجي ٽي وي چينل موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا عام چونڊن جي نتيجن ۾ دير جو نوٽيس وٺندي صوبائي اسمبلي جي ڪمشنرن سميت ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسرن کان وضاحت طلب ڪئي آهي.اليڪشن ڪمشنر جي طرفان لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن قانون موجب رات ٻئين وڳي تائين نتيجا جاري ڪرڻا هئا دير ڇو ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے