15 جمعرات , نومبر 2018

انگلينڊ ڪرڪيٽ لاءِ تاريخي ڏينهن اڄ 1000 هون ٽيسٽ کيڏندي، آءِ سي سي پاران واڌايون

Historic day for England cricket will play 1000 hosts tastes, ICC enhancementsايجبسٽن(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ اڄ تاريخي ڏينهن آهي، ڀارت خلاف پنجن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سريز جي اڄ پهرين ميچ کيڏي ويندي. جنهن سان گڏ ئي انگلينڊ ٽيم هڪ هزار ٽيسٽ مئچون کيڏڻ جي منزل ماڻي وٺندي. تاريخي ٽيسٽ ميچ جي موقعي تي آءِ سي سي ميچ ريفري جيف ڪرو انگلينڊ اينڊ ويلز بورڊ جي چيئرمين پولن گريوز کي يادگار پيش ڪندو. ايجبسٽن جي ميدان ۾ تاريخي ٽيسٽ ميچ لاءِ انگلينڊ ٽيم جا رانديگر تمام گهڻو جذباتي ۽ پُرجوش آهي. انگلينڊ ٽيم پنهنجي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان پهرين ميچ ۾ مارچ 1877 ۾ آسٽريليا خلاف کيڏي هئي ۽ هن وقت تائين 999 ٽيسٽ ميچن مان 357 ميچن ۾ انگلينڊ کي ڪاميابي ملي آهي. ڪرڪيٽ ايجاد ڪندڙ ملڪ جي ٽيم 297 ٽيسٽ ميچن ۾ ناڪامين جو منهن ڏٺو. جڏهن ته 345 ٽيسٽ ميچن جو نتيجو نه نڪتو. ايجبسٽن اهو  ميدان آهي جتي انگلينڊ ٽيم 1902 کان وٺي 2018 تائين 50 ٽيسٽ کيڏي چڪي آهي، جن مان 27 ميچن ۾ ڪاميابي ۽ 8 ميچن ۾ ناڪامي نصيب ٿي، جڏهن ته 15 ميچن جو نتيجو نڪري نه سگهيو. ان حوالي سان آءِ سي سي چيئرمين ششناڪ منوهر پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪرڪيٽ جي عالمي ڪٽنب طرفان آئون انگلينڊ ٽيم کي هڪ هزار ٽيسٽ ميچن جي منزل طرف وڌڻ تي مبارڪون پيش ڪيا ٿو انگلينڊ اها وڏي منزل ماڻيندڙ ڪرڪيٽ جي دنيا جو پهريون ملڪ آهي. تاريخي ٽيسٽ ميچ جي موقعي تي انگلينڊ ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيان ٿو ۽ اها اميد رکجي ٿي ته انگلينڊ جي ٽيم عالمي ڪرڪيٽ کي بهترين رانديگر فراهم ڪندي رهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات ٿي وئي آهي جڏهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے