13 منگل , نومبر 2018

رپورٽ: ناميارو قومپرست اڳواڻ ۽ جاکوڙي ڪردار ساگر حنيف بڙدي موڪلائي ويو

Karachi: Famous intellectual and leader died due to heart attack*نامياري  قومپرست اڳواڻ  ساگر حنيف بڙدي پهرين مئي 1969  ع ڌاري ضلعي نوشهري جي شهر پڊ عيدن ۾ اک کولي .

ساگر حينف بڙدي ابتدائي تعليم پڊ عيدن مان حاصل ڪئي جڏهن ته ٻارهين ڪلاس جو امتحان سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه مان پاس ڪيو هن بي اي ۽ ايم اي جون سندون مادر علمي مان حاصل ڪيون .

ساگر حنيف بڙدي 1986ع ۾ حافظ محمد سومري کان متاثر ٿي سنڌ ساگر اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيو. 1990ع ۾ سنڌ ساگر اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو.

 1995ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيو، کيس سنڌ يونيورسٽي جي  يونٽ جو آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ جساف جي مرڪزي اليڪشن ڪميٽيءَ جو ميمبر به رهيو. ۽ تعليم  مڪمل ڪرڻ بعد  جيئي سنڌ قومي محاذ سان سلهاڙجي ويو .

 ساگر حنيف بڙدي جو  شمار بهترين مقرر، ڪمپيئر ۽ ڪالم نگار طور ٿئي ٿو. 2002ع دوران مرڪزي اليڪشن ۾ جسقم جو مرڪزي پريس سيڪريٽري چونڊيو ويو ۽  هڪ ڀيري جسقم جو قائم مقام مرڪزي جنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.

 2005ع ۾ جسقم پاران ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪيل ’مرڻ گهڙي تائين’ واري بک هڙتال ۾ڪئمپ اڳواڻ طور مسلسل 31 ڏينهن فاقاڪشيءَ جي حالت ۾ رهيو.

 ساگر حنيف بڙدي جيئي سنڌ هلچل سان واڳيل هئڻ سبب جوانيءَ جا ڪيترا ڏهاڙا جيل ۾ گهاريا آهن پر جيلن جو سختيون کيس پنهنجي رستي تان هٽائي نه سگهيو ن ۽ زندگي جي آخري پساهن تائين سنڌ واسين جي حقن جي  حاصلات لاءِ جاکوڙ ڪندو رهيو

جيتوڻيڪ ساگر حينف بڙدي هن وقت اسان وٽ موجود ناهي پر پنهنجي سنڌ دوست ڪردار سبب هو سدائين سنڌ واسين جي دلين ۾ زندهه رهندو …………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: گهوٽڪي: ثقافت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي بازيابي لاءِ احتجاج

گهوٽڪي ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ فنڪارن پاران ثقافت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر شيرمحمد مهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے