15 جمعرات , نومبر 2018

سپريم جوڊيشل ڪونسل پاران جسٽس شوڪت عزيز کي شوڪاز نوٽيس جاري

Justice shauka tAziz released the showcase notices by Supreme Court Councilاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جوڊيشل ڪونسل راولپنڊي بار کي خطاب ڪرڻ تي جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس شوڪت صديقي ويجهڙائي ۾ ئي راولپنڊي ڊسٽرڪٽ بار کي خطاب ڪيو هو جنهن ۾ هن ملڪ جي حساس ادارن مٿان الزام لڳايا هئا. سپريم جوڊيشل ڪونسل جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي 28 آگسٽ تائين جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. واضح  رهي ته 21 جولائي تي پنهنجي تقرير دوران جسٽس شوڪت عزيز صديقيءَ ملڪ جي حساس ادارن مٿان الزام لڳائيندي چيو ته  حساس ادارا پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرائڻ لاءِ بينچ جوڙيندا آهن ۽ کيس به مرضي جا فيصلا ڪرڻ لاءِ چيو ويو جنهن عوض سندس خلاف ٻڌڻي هيٺ ڪرپشن وارو ريفرنس ختم ڪرڻ ۽ وقت کان اڳ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بڻائڻ جي آڇ ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن جي ڪوشش سان 5 ايراني مغوي گارڊ بازياب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن جي ڪوشش سان اغوا ٿيل ايراني گارڊن مان 5 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے