15 جمعرات , نومبر 2018

پنجاب ۽ وفاق ۾ حڪومت سازي لاءِ پي ٽي آءِ ۽  ق ليگ ۾ معاهدو ٿي ويو

In Punjab and Federally Administered Tribal Areas (PTI) came into agreement with the PML-Q and PML-Nاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ق وچ ۾ پنجاب ۽ وفاق ۾ حڪومت سازي لاءِ  معاهدو طئي ٿي ويو. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب حڪومت سازي لاءِ ٻنهي جماعتن جي وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي تحت چوڌري پرويز الاهي پنجاب اسمبلي جو اسپيڪر هوندو ۽ هو اڳ ئي پنجاب اسمبلي ۾ خدمتون انجام ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪري چڪو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف مسلم ليگ(ق) کي وفاق ۽ پنجاب ۾ 2، 2 وزارتون پڻ ڏيندي ۽ وزارتن جو فيصلو اسپيڪر جي چونڊ بعد ڪيو ويندو. ياد رهي ته مسلم ليگ (ق) جي قومي اسمبلي ۾ 4 ۽ پنجاب اسمبلي ۾ 7 سيٽون آهن ۽ هيءَ چونڊن دوران پي ٽي آءِ جي اتحادي پارٽي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے