19 پیر , نومبر 2018

مصر جي اهرام ۾ غير معمولي طور تي ” برقناطيسي“ قوت جمع ٿي سگهي ٿي

قاهره(ويب ڊيسڪ) دفن ٿيل ممين، فرعونن ۽ حيرت جوڳي طور تي جڙيل مصر جا اهرام هميشه ئي مشهور رهيا. هاڻ تازين خبرن ۾ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته مصر جي مشهور اهرام جي خانن ۽ بنياد ۾ برقناطيسي (اليڪٽرو ميگنيٽڪ) شعاعون هڪ جاءِ تي ڀرپور طريقي سان جمع ٿي سگهي ٿي. جنرل آف اپلائيڊ فزڪس ۾ شايع ٿيل هڪ رپورٽ ۾ ماهرن جو چوڻ آهي ته ان تحقيق مان فزڪس جي ڪيترن ئي رخن تي جاچ ۾ مدد ملندي ۽ اهڙا نينو ذرا (پارٽيڪلز) بڻائي سگهجن ٿا جن کي انتهائي عمده سولر سيلز ۽ انتهائي موثر سينسرز جي تياري ۾ استعمال ڪرڻ ممڪن هوندو. قاهره ڀرسان واقع ٽن اهم اهرامن مان هڪ وڏو اهرام آهي جنهن تي تحقيق بعد اهو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيو آهي. عالمي سائنسدانن جي ٽيم روس جي آءِ ٽي ايم يونيورسٽي ۽ جرمني ۾ ليزر زينٽرم انسٽيٽيوٽ جا ماهر هئا جنهن اِها تحقيق انجام ڏني آهي. انهن ماهرن نظري طبيعيات (ٿوريٽيڪل فزڪس) جو اصول استعمال ڪندي اِهو ڏٺو ته اهرام ۾ جيڪڏهن نظر ايندڙ روشني، مائيڪرو ويوز، ريڊيو، ايڪس ريز، گيما ريز ۽ الٽرا وائيلٽ ريز سميت سمورن قسمن جون برقناطيسي لهرون وڌيون وڃن ته هو هرم ان جي توانائي هڪ مقام تي جمع ڪري سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آءِ فون X اپڊيٽنگ دوران ڦاٽي پيو، ايپل جو جاچ جو واعدو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) ٽوئيٽر تي هڪ شخص پنهنجي اسمارٽ فون جي تصوير پوسٽ ڪندي دعويٰ ڪئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے