17 ہفتہ , نومبر 2018

سڄي دنيا ۾ ننڍي عمر وارين ڇوڪرين ۾ ايڊز تيزي سان پکڙجي رهي آهي: يونيسيف

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) يونيسيف خبردار ڪيو آهي ته عدم ڄاڻ ۽ جنسي تشدد جي ڪري نوجوانن خاص ڪري ننڍي عمر وارين ڇوڪرين ۾ ايڇ آءِ وي وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ۽ هر ٽئين منٽ ۾ هڪ ننڍي عمر واري ڇوڪري ان وائرس سبب متاثر ٿي رهي آهي. ٻارن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن سان سلهاڙيل اداري يونيسيف ايڇ آءِ وي بابت هڪ رپورٽ شايع ڪئي آهي جنهن ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته هر ٽئين منٽ ۾ 15 کان 19 ورهين جي هڪ ڇوڪري ” ايڇ آءِ وي“ جو نشانو بڻجي رهي آهي جنهن جو بنيادي سبب بلوغت ۾ جنسي لاڳاپا، جبرن جنسي عمل، غربت ۽ حفاظتي هدايتن تي عمل نه ٿيڻ آهي. يونيسيف جي سربراهه هينرئيٽا فور جو چوڻ آهي ته معاشري جا ڪمزور ۽ پٺتي پيل ماڻهو گهڻو ڪر ايڇ آءِ وي مان متاثر آهن، جنهن جو مرڪزي هدف خاص طور تي نوجوان ڇوڪريون بڻجڻ ٿيون، 2010ع کان پوءِ ايڇ آءِ وي وائرس ۾ مبتلا 15 کان 19 ورهين جي ڇوڪرين کان سواءِ ٻين عمرن جي ماڻهن جي موت ۾ گهٽتائي ٿي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے