18 اتوار , نومبر 2018

نوشهره ۾ پشتو فنڪارا ريشم مڙس هٿان قتل

نوشهره(ويب ڊيسڪ)نوشهري جي علائقي اڪبر پوره ۾ مقامي ڳائڻي ۽ اداڪارا ريشم کي مڙس تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب نوشهري جي علائقي جبا دائود زئي اڪبر پوره جي رهواسڻ پشتو فنڪارا ريشم کي سندس مڙس قتل ڪري ڇڏيو. 35 سالن جي ريشم جي 9 مهينا اڳ وقاص نالي شخص سان شادي ٿي هئي. پوليس جي ابتدائي رپورٽ موجب عورت کي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو، واقعي بعد مقتولا جو مڙس فرار ٿي ويو جڏهن ته پوليس مقتولا جي ڀيڻ جي مدعيت ۾ وقاص جي خلاف اڪبرپوره ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪري ورتو. ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته مقتولا رامين عرف ريشم جي ساهرن طرفان خبر آئي ته سندس ڀيڻ لاڏاڻو ڪري وئي آهي ۽ هوءَ اچي سندس جنازي ۾ شرڪت ڪري. ميت جي غسل دوران هن مقتولا جي جسم تي تشدد جا نشان ڏٺا ته کيس شڪ ٿيو. هوءَ ميت کي ويجهي اسپتال کڻي وئي جتي ڊاڪٽرن موت کان اڳ مٿس تشدد جي تصديق ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے