15 جمعرات , نومبر 2018

فواد چوڌري جي چيف جسٽس سان ملاقات، ثاقب نثار سان ادب ۽ احترام جو تعلق آهي: پي ٽي آءِ ترجمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيف جسٽس ثاقب نثار سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي آهي. خانگي ٽي وي چينل موجب چيف جسٽس سان ملاقات بعد فواد چوڌري ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هڪ وڪيل جي حيثيت سان چيف جسٽس سان ملاقات ڪئي آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ بار ڪونسل جو سينيئر ميمبر به آهيان. هن چيو ته ملاقات ۾ چيف جسٽس پارليامينٽ جو ميمبر چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون، اسان جو چيف جسٽس سان ادب ۽ احترام جو تعلق آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے