15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: لاڙڪاڻو: رڪشا ڊرائيورن پاران پ پ ليبر بيورو جي ضلعي صدر خلاف احتجاج

Larkana: Protest against the district president of the Peshawar Bureau by the fighter driversلاڙڪاڻي ۾ رِڪشا ڊرائيور يونين پاران ليبر بيورو جي ضلعي صدر خلاف احتجاج ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو رڪشا ڊرائيور ليبر يونين جي صدر گلزار گوپانگ، امير علي ۽ محمد نواز سميت جي اڳواڻي ۾ رڪشا ڊرائيورن ليبر بيورو جي ضلعي صدر جاويد منگي خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي يونين اڳواڻن چيو ته پ پ ضلعي قيادت عام چونڊن جي ڏينهن 8 سئو 60 رڪشا ڪرايي تي ورتا، جن مان 6 سئو 10 رڪشائن جو ڪرايو ملي ويو آهي جڏهن ته اڍائي سئو رڪشائن جي ڪرايي جي رقم نه ملي سگهي آهي.

هنن چيو ته اڍائي سئو رڪشائن جي ڪرايي جي رقم 5 لک روپيه آهي، جيڪا کين نه ڏئي ناانصافي ڪئي پئي وڃي.

هنن الزام هنيو ته ڪرايو گهرڻ تي پ پ ليبر بيورو جو ضلعي صدر جاويد منگي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

 هنن اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي ته ليبر بيورو جي ضلعي صدر ۽ پ پ ضلعي صدر خلاف ڪارروائي ڪري ڪرايو ڏيارين…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| آصف زرداري بحرانن مان نڪرڻ ڄاڻي ٿو: مير منور ٽالپر

پيپلزپارٽي ميرپورخاص جي صدر  ۽  ايم اين اي مير منور ٽالپر چيو آهي ته آصف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے