19 پیر , نومبر 2018

نيوز: قمبر: چنگچي جو گڏهه گاڏيءَ سان ٽڪر لڳڻ سبب پيرسن فوت

Qambar: Qinghai died due to collision with a vehicleقمبر ڀرسان تيز رفتار چنگچي جو گڏهه گاڏيءَ سان ٽڪر لڳڻ سبب پيرسن فوت ٿي ويو.

ميروخان-قمبر روڊ تي تيز رفتار چنگچي گڏهه گاڏي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب ڳوٺ علي بيگ جو رهواسي پيرسن محمد خان پنهور سخت زخمي ٿي پيو.

مقامي ماڻهن زخمي پيرسن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

فوتي پيرسن پورهيت جي وارثن جو چوڻ هو ته پيرسن گڏهه گاڏو هلائي گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندو هو،  قمبر مان گهر جو سامان وٺڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو.

هوڏانهن فوتي پيرسن جو لاش وارث ايمبولينس ذريعي گهر ڏانهن کڻائي ويا، لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: احڪومت جا 100 ڏينهن 100 ڪوڙ تي ٻڌل آهن: آصف زرداري جو ترجمان

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ترجمان عامر فدا پراچا چيو آهي ته فواد چوڌري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے