16 جمعہ , نومبر 2018

تڪ بندين بابت مصطفيٰ ڪمال جي درخواست تي اعتراض رد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ميان ثاقب نثار پاڪ سر زمين پارٽي ( پي ايس پي) جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال طرفان ڪراچي جي تڪ بندين بابت درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا ۽ موڪلن بعد درخواست ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. خيال رهي ته مصطفيٰ ڪمال طرفان ڪراچي ۾ نين تڪ بندين بابت درخواست تي چيف جسٽس اِن چيمبر ٻڌڻي ڪئِي. پي ايس پي جي سربراهه رجسٽررار آفيس جي اعتراضن خلاف اپيل داخل ڪئي هئي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال سندس درخواست ٻڌڻي جي لاءِ منظور ٿيڻ  کي شروعاتي ڪاميابي قرار ڏنو ۽ سنڌ جي شهري علائقن جي رهواسين کي واڌايون ڏنيون. هن چيو ته اسان وٽ ڪيترائي ثبوت موجود آهن جنهن جي تحت اسان اِها پٽيشن داخل ڪئي هئي ته نئين آدم شماري ۾ ڪراچي جي آبادي کي 70 لک لڳ ڀڳ گهٽ ڪيو ويو، ان کان سواءِ سنڌ جي شهري علائقن جي آبادي گهٽ ڪئي وئي. هن چيو ته سينيٽر تاج حيدر مٿئين ايوان ۾ نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) کان ريڪارڊ گهرايو ويو جنهن ۾ نادرا 2013ع تائين ريڪارڊ پيش ڪيو هو. هن چيو ته ان ريڪارڊ جي موجب ڪراچي جي آبادي 2 ڪروڙ 14 لک هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے