14 بدھ , نومبر 2018

ڪراچي ۾ صفائي جي ٻڏ تر صورتحال تي گند کڻندڙ چيني ڪمپني جو مالڪ طلب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ واٽر ڪميشن ڪراچي ۾ صفائي جي ٻڏتر صورتحال تي ڪچرو کڻندڙ چيني ڪمپني جي مالڪ کي طلب ڪري ورتو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس (ر) امير هاني مسلم جي سربراهي هيٺ واٽر ڪميشن جي ٻڌڻي ٿي. شگر ملز ۾ ٽريٽمنٽ پلانٽ نه لڳائڻ واري معاملي تي مختلف ملن جا مالڪ ۽ نمائندا ڪميشن ۾ پيش ٿيا. ڪيمشن جي سربراهه چيو ته توهان ٽريٽمنٽ پلانٽ لڳايو نه ته اسان فيڪٽري سيل ڪنداسين. ڪميشن ماحوليات جي ماهر ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ کي شگر ملن جو دورو ڪرڻ ۽ ٽريٽمنٽ پلانٽن بابت رپورٽ هفتي ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. واٽر ڪميشن سنڌ ۾ صفائي جي ٻڏتر صورتحال واري معاملي جو به جائزو ورتو ۽ چيني ڪمپنين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. واٽر ڪميشن چيني ڪمپنين جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ ۽ عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ڪچرو کڻندڙ چيني ڪمپني جي مالڪ کي طلب ڪري ورتو. ڪميشن چيني ڪمپني جي نائب مينيجر کي پاڪستان ۾ ڪمپني جي 15 سالن جي تفصيل به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس (ر) امير هاني مسلم چيني ڪمپني جي وائس مينيجر کي چيو ته توهان اسان گڏ راند نٿا کيڏي سگهو، اسان کي سموري راند جي خبر آهي، توهان مڊل مين آهيو ۽ ڪميشن کي به ڌوکو ڏئي رهيا آهيو، ان ڪمپني جي مالڪ کي گهرايو اسان ان کان سوال ڪنداسين، توهان چين جو نالو به بدنام ڪري رهيا آهيو، چيني ڪمپنيون معاهدي تي عملدرآمد ناهن ڪري رهيون، تماشو بڻائڻ ڇڏيو بليڪ ميل ٿا ڪيو؟  لکت ۾ ضمانت ڏيو ته صفائي جي معاهدي تي عملدرآمد ٿيندو. ڪميشن چيو ته جيڪڏهن مشينري خراب آهي ته ٻئي خريديو، اسان ڪراچي کي صاف چاهيون ٿا، پهرين ڪير به پڪڙڻ وارو نه هو، هاڻ پيسا کائڻ نه ڏينداسين، سنڌ کي تباهه ڪيو ويو آهي، چيني ڪمپني کي جيڪو ڪم ڪرڻو هو اُهو ناهي ڪيو رڳو پيسا وٺي رهيا آهن.  چيني نمائندي چيو ته ڪراچي ۾ ڊي ايم سي ملازم ڪم ناهن ڪندا، چين ۾ هڪ حڪم تي هر ماڻهو ڪم ڪندو آهي، پاڪستان ۾ الڳ الڳ حڪم نامي ۽ وڌيڪ ادارن جي ڪري ڪم ڏکيو ٿيندو آهي، ڪميشن جي حڪم جي باوجود پاڪستان ۾ پلاسٽڪ جون ٿيليون بند ناهن ٿيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دپيڪا ۽ رنوير جي شادي جاري: سڀاڻي ٻئي سنڌي روايتن موجب تقريب ۾ نظر ايندا

روم(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي دلڪش جوڙي دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه شادي جي ٻنڌڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے