23 منگل , اکتوبر 2018

اسان پي ٽي آءِ کان وزارتن جو ڪو به مطالبو ناهي ڪيو: خواجا اظهار الحسن

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پي ٽي آءِ کان وزارتن جو ڪو به مطالبو ناهي ڪيو. اسان جهانگير ترين سان واضح ڳالهه ٻولهه ڪئي. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهين تي تبصرو ڪندي خواجا اظهار الحسن جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن اسان جي پي ٽي آءِ جي وفد سان ملاقات ٿي، ايم ڪيو ايم پنهنجا خدشا پي ٽي آءِ جي سامهون رکيا. هن چيو ته ايم ڪيو ايم 8 تڪ کولڻ جو مطالبو ڪيو ۽ جهانگير ترين ڪراچي جا 8 تڪ کولڻ تي رضامند ٿي وئي، ايم ڪيو ايم پي ٽي آءِ وفد سان واضح ڳالهيون ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن اظهار ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم پي ٽي آءِ سان نه ويهي، جيڪو به فيصلو پارٽي قيادتي ڪندي عوام جي سامهون رکنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف سان آذربائيجان جي چيف آف اسٽيٽ بارڊر سروس جي ملاقات

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آذربائيجان جي چيف آف اسٽيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے