19 پیر , نومبر 2018

لياري گينگوار جي 2 ڪارندن کي موت جي سزا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سيشن عدالت قتل ۾ ملوث لياري گينگوار جي 2 ڪارندن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. تفصيل موجب لياري گينگوار جي ڪارندن بلال ۽ نبيل سيڪيورٽي گارڊ شڪيل کي قتل ڪيو هو جنهن کي ڏوهه ثابت ٿيڻ بعد سيشن عدالت طرفان موت جي سزا ٻڌائي وئي. سيشن عدالت ڏوهارين تي في ڪس اڍائي لک رپيا ڏنڊ به مڙهيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جو تعلق لياري گينگوار ۽ عذير بلوچ گروپ سان هو. پوليس موجب ڏوهارين جي خلاف دهشتگردي جا ٻيا به ڪيترائي ڪيس داخل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے