16 جمعہ , نومبر 2018

پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس: سيشن جج رائو عبدالجبار خان خاص عدالت جو رجسٽرار مقرر

لاهور(ويب ڊيسڪ) سيشن جج رائو عبدالجبار خان کي اڳوڻي صدر جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف جي خلاف غداري ڪيس جي لاءِ خاص عدالت جو رجسٽرار مقرر ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب اڳوڻي صدر جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف جي خلاف غداري ڪيس لاءِ سيشن جج ۽ رائو عبدالجار خان کي خاص عدالت جو رجسٽرار مقرر ڪيو ويو آهي. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت وزير اعظم پاڪستان جي منظوري کان پوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. سيشن جج رائو عبدالجبار لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڊي جي ڊائريڪٽوريٽ ڊسٽرڪٽ جوڊيشري مقرر آهي. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ محمد ياور علي اڳوڻي صدر جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف جي خلاف غداري ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ قائم خاص عدالت جو سربراهه آهي. سيشن جج رائو عبدالجبار خان خاص عدالت جي ڪارروائي دوران رجسٽرار جا فرض سرانجام ڏيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے