20 منگل , نومبر 2018

مني لانڊرنگ ذريعي برطانيا منتقل ڪيل پئسو موٽائڻ عزم آهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي امڪاني وزيراعظم تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته مني لانڊرنگ ذريعي برطانيا منتقل ڪيل دولت جي وطن واپسي اسان جو عزم آهي. تحريڪ انصاف جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان موجب برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿامس ڊريو بني گالا ۾ عمران خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي برطانوي هاءِ ڪمشنر چونڊن ۾ ڪاميابي تي عمران خان کي واڌايون ڏنيون ۽ نئين حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٿامس ڊريو جو چوڻ هو ته چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ عمران خان جي خطاب برطانيا ۾ هاڪاري اثر ڇڏيا آهن. برطانوي حڪومت تحريڪ انصاف حڪومت سان سهڪار لاءِ مڪمل طور تيار آهي. برطانوي هاءِ ڪمشنر چيو ته 22 لک ٻارن کي اسڪول موڪلڻ لاءِ پاڪستاني حڪومت جي مدد ڪئي ويندي ۽ ٻين شعبن ۾ به سهڪار لاءِ تيار آهيون. عمران خان برطانوي هاءِ ڪمشنر جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪ – برطانيا لاڳاپا اهميت رکن ٿا، پاڪستانين جو وڏو انگ برطانيا ۾ رهي پيو، مني لانڊرنگ ذريعي برطانيا منتقل ڪيل ناڻو موٽائڻ اسان جو عزم آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف جون ڪجهه شرطون مڃڻ کان انڪار، ڳالهيون بنا نتيجي ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان آءِ ايم ايف ڪجهه مطالبا تسليم ڪرڻ کان انڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے