15 جمعرات , نومبر 2018

تحريڪ انصاف سان مقابلو ڪري سگهون ٿا پر ٻين قوتن سان نه: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته اسان جو مقابلو تحريڪ انصاف سان نه پر ٻئي ڪنهن سان آئي ۽ انهن قوتن جو مقابلو نٿا ڪري سگهون. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ن ليگ هڪ ذميوار پارٽي آهي، اسان جو مقابلو تحريڪ انصاف نه پر ٻئي ڪنهن سان هو، ڪو به اهڙو قدم نه کڻنداسين، جنهن سان ملڪ جي مفادن کي نقصان پهچي پر هڪ ذميوار اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪنداسين. هن چيو ته هن وقت سموريون وڏيون پارٽيون رڙيون ڪري رهيون آهن ته چونڊون ۾ جهڙي طريقي سان بي قاعدگي ٿي سڀ ان مان پريشان آهن، ڪي پي ۾ جيڪا بيچيني آهي، اها اسان لاءِ ڳڻتي جوڳي آهي. سندس چوڻ هو ته اسان تحريڪ انصاف سان مقابلو ڪري سگهون ٿا پر ٻين قوتن سان نٿا ڪري سگهون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ملائيشيا جي لاڳاپن ۾ اضافي جي خواهش آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے