13 منگل , نومبر 2018

سارين جي فصل کي خطري کان بچايو

اسان وٽ چند اهڙا فصل ٿين ٿا، جن کي ڪيش ڪراپ يعني روڪ رقم وارا فصل چيو وڃي ٿو، انهن ۾ ڪڻڪ، ڪمند، ڦٽي، سارين وغيره جا فصل اچي وڃن ٿا. سارين جي فصل کي جيترو پاڻي ججهو ملي ٿو، اوتري اپت به وڌيڪ ئي بهتر ڏئي ٿو، ملڪ اندر پاڻيءَ جي شديد کوٽ ته آهي ئي آهي پر باريڪ بينيءَ سان ڏسجي ته ان جو مجموعي طور نزلو سنڌ تي ڪجهه سوايو پيو آهي. سنڌوءَ جي ساڄي پاسي جي ضلعن ڪشمور-ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، قمبر-شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي ۾ سارين جو فصل تمام سٺو ٿيندو آهي، هن علائقي ۾ سارين جي صنعت کي اهم حيثيت حاصل آهي، هنن ضلعن ۾ خريف جي هن اهم فصل جي گهرجن ۽ اهميت کي ڏسندي توڙي ان لاءِ هر صورت ۾ پاڻيءَ جي گهربل مقدار جي موجودگي يعني بڻائڻ لاءِ سنڌوءَ جي ساڄي پاسي سنڌوءَ مان رائيس ڪئنال ڪڍيو ويو ۽ ٻين ننڍن وڏن ڪينالن جي ذريعي به پاڻي زمينن لاءِ هر هنڌ ۽ هر علائقي ۾ پهچائڻ کي يقيني بڻايو ويو.

ڪيش ڪراپ يعني روڪ رقم واري فصل سان ٻهراڙيءَ جي معيشت جو ڦيٿو هلندو آهي، فصل پوکڻ شرط ئي ماڻهو باسيل باسون ڏيڻ ۽ ٻارڙن جي شادين جون تاريخون طئي ڪري ڇڏيندا آهن، يعني شادين جون تٿيون ٻڌي ڇڏيندا آهن، مثال طور سارين جا رونبا شديد گرمين ۾ يعني جولاءِ آگسٽ ۾ ٿيندا آهن ۽ فصل وري سخت ٿڌين ۾ لهندو آهي، سو لابارن وقت ئي اهي هاري ۽ آبادگار پنهنجي گهرن جي خوشين جا پروگرام فصل لهڻ وارن ڏينهن کي نظر ۾ رکندي، ان ڪري انهن ڏينهن ۾ طئي ڪندا آهن جو کين خبر هوندي آهي ته فصل لهڻ شرط اهي مارڪيٽ ۾ گهٽ يا وڌ اگهه ۾ اَنُ وڪڻندا، کين پئسو هٿن ۾ ايندو ته اهي اولاد جي شادين جا خرچ پکا به پورا ڪندا ته باسيل باسون به ڏئي سگهندا، سو ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته هي رڳو فصل ناهن پر انهن سان ماڻهن جون خوشيون به لاڳاپيل آهن، سو جي فصل گهٽ لهي ٿو، فصل جو اگهه گهٽ ٿو ملي ته ماڻهن جي خوشي ۽ خريد ئي ختم ٿيو وڃي ٿي.

سنڌ جي آباديءَ جو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو آباديءَ جي گذر سفر جو واحد ذريعو زراعت آهي ۽ گذريل چند سالن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ، ٻج ۽ ڀاڻ جي مهانگو ٿيڻ ۽ فصل جا مناسب اگهه نه ملڻ سبب سنڌ ۾ زراعت جو جيڪو حشر ٿيو آهي سو ڪنهن کان ڳجهو ناهي. هيل به ان ڏس ۾ ڪي چڱا اطلاع ناهن، رائيس ڪينال جتان شروع ٿئي ٿو اتان کان وٺي جتي وڃي دنگ ڪري ٿو تيستائين ان ۾ پاڻي نه هئڻ برابر آهي. منڍ جي زمينن کي ته وري به ٿورو گهڻو پاڻي مليو آهي پر پڇڙ ۾ پاڻي جي هن وقت تائين هڪ ٺنڀ به نه پهتي آهي، اڄ خريف جي مند پنهنجي جوڀن ۾ يعني هن مند ۾ جڏهن پاڻي ميسر ٿيندو آهي ته هاري ۽ آبادگار زمينن جا رُخ ڪندا آهن، ٻيجارو پوکيندا آهن ۽ اهو ٻيجارو جڏهن رونبي لائق ٿيندو آهي ته اهو پٽي رونبو شروع ڪيو ويندو آهي، پر ڪيڏي نه ستم ظريفي چئبي ته رونبي جي مند ته شروع ٿي چڪي آهي پر سنڌ ۾ اڃا ايترو پاڻي به ناهي جو ماڻهو رونبا ته پنهنجي جاءِ تي پر ٻيجارو به پوکي ناهن سگهيا.

اهڙو اهڙو فصل جيڪو سنڌ جي معيشت ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، جنهن سان سنڌ ۽ بلوچستان جي 600 جي لڳ ڀڳ رائيس ملن ۽ انهن سان هن مند ۾ ڪم ڪندڙ هزارين پورهيتن جو روزگار سلهاڙيل آهي، سو گهڻي ڀاڱي نه ٿيڻ جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. سنڌ اڳ ئي بي حال آهي، 2010ع واري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ 2011ع ۾ شديد مينهن کانپوءِ پيدا ٿيل ٻوڏ واري صورتحال سنڌ جي معيشت، سنڌ جي زراعت جي جيڪا چيلهه چٻي ڪئي هئي، سنڌ اڃا ان جو ئي ڌَڪُ پچائي ناهي سگهي ته مٿان وري پاڻي نه هئڻ جي ڪري سارين جو فصل ٿي نه سگهڻ وري ڄڻ ته ٻي آفت اچي ڪڙڪو ڪيو آهي، ان کان انڪار ناهي ته ملڪ پاڻيءَ جي شديد کوٽ ڀوڳي رهيو آهي پر اهڙي صورتحال ۾ حڪومتي سطح تي، انتظامي سطح تي ۽ آبپاشي کاتي توڙي زراعت کاتي جي سطح تي جنهن پلاننگ جي ضرورت آهي، سا ڪٿي به نظر نه ٿي اچي. هڪ ته ارسا کي سنڌ ۾ خرچڻ لاءِ پاڻي جي گهرج کي نظر ۾ رکندي پاڻيءَ جي وڌ ۾ وڌ فراهمي يقيني بڻائڻ گهرجي، ٻيو ته سنڌ ۾ آبپاشي ۽ زراعت کاتي کي گڏجي اهڙو پلان جوڙڻ گهرجي، جنهن تحت اوليت جي بنياد تي انهن علائقن ۾ جتي سارين جو فصل ٿيندو آهي، پاڻي جي فراهمي هر صورت ۾ يقيني بڻائڻ گهرجي، ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سنڌ ۾ هر سال لکين ايڪڙن تي سارين جو فصل ٿئي ٿو، جيڪو نه ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌ کي، سنڌ جي زرعي معيشت کي جيڪو نقصان ٿيندو تنهن جو ازالو ڪرڻ مشڪل ته ڇا پر ناممڪن  هوندو.

خميس 2 آگسٽ 2018ع، 19 ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچيءَ جون حددخليون هٽائڻ ڪنهن به نقصان کانسواءِ قبول آهن

هڪ ڀيرو ٻيهر، ٽيهر يا ان کان به وڌيڪ ڀيرا ڪراچيءَ جي مُک علائقي صدر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے