20 منگل , نومبر 2018

نواز شريف ۽ مريم نواز سان ملاقات لاءِ ليگي اڳواڻ اڊياله جيل پهچي ويا

 

 راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ مريم نواز سان ملاقات لاءِ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن جو وڏن انگ اڊياله جيل پهچي ويو آهي. اڊياله جيل ۾ قيدين سان ملاقات جو ڏينهن آهي شام 5 وڳي تائين ملاقاتين جي آمد جو سلسلو جاري رهندو .اڊيالا جيل پهتل اڳواڻن ۾ احسن اقبال ، سنڌ جو اڳوڻو گورنر محمد زبير ، خرم دستگير ، مريم اورنگزيب ، جاويد هاشمي ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته نواز شريف جو ويجهو ساٿي طارق فاطمي پنهنجي گهر واري سميت ان سان ملاقات لاءِ اڊياله جيل پهچي ويا آهن جڏهن ته جاويد هاشمي، عرفان، صديقي، مصدق ملڪ، پرويز رشيد ۽ چوڌري تنوير به ملاقات لاءِ ايندڙ اڳواڻن ۾ شامل آهن. جڏهن ته اڳوڻو پنجاب جو وڏو وزير ۽ نواز شريف جو ننڍو ڀاءٌ شهباز شريف به اڄ اسلام آباد پهچي رهيو آهي ۽ ان جي نواز شريف سان ملاقات جو امڪان آهي جڏهن ته شهباز شريف اڄ شام آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ به شريڪ ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم عمران خان 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ملائشيا روانو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان ٻن جي سرڪاري دوري تي ملائيشيا روانو ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے