13 جمعرات , دسمبر 2018

لاهور: سيوريج جي پاڻي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پوليو وائرس جي تصديق

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور شهر جي سيوريج جي پاڻي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي. پنجاب جي صحت کاتي کي 11 جولاءِ تي آئوٽ فال روڊ تان ورتل نمونن ۾ ۾ پوليو وائرس هٿ آيو هو ۽ سيوريج جي پاڻي ۾ لاڳيتو ٻه مهينن تائين پوليو وائرس جي موجودگي چئلينج آهي. صحت کاتي جو چوڻ آهي ته جون ۽ جولاءِ ۾ سيوريج جي پاڻي مان ورتل نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي. صحت کاتي لاڳاپيل اختيارين جو اجلاس طلب ڪيو آهي ۽ 6 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم ۾ لاهور جا سمورا علائقا شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے