14 بدھ , نومبر 2018

سام سنگ سستي ڊوئل ڪئميرا فون گليڪسي آن 8 متعارف ڪرائي ڇڏي

سيئول (ويب ڊيسڪ) سام سنگ پنهنجي نئين سستي ڊوئل ڪئميرا سمارٽ فون گليڪسي آن 8 متعارف ڪرائي آهي. اها نئين فون وڏي انفٽني ڊسپلي سان گڏ آهي، جيڪا في الحال ڀارت ۾ وڪري لاءِ پيش ڪئي وئي آهي. ڪمپني موجب انفٽني ڊسپلي سان گڏ اها فون اسٽيٽ آف دي آر هارڊ ويئر ۽ فاسٽ ويئر فيچرز سان گڏ آهي. اها فون 6 انچن جي ايڇ ڊي پلس سپر اموليڊ ڊسپلي سان گڏ آهي، جڏهن ته 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج سان گڏ ڪوالڪوم اسنيپ ڊراگون 450 پراسيسر ڏنو ويو آهي. ان ۾ مائيڪرو ايس ڊي ڪارڊ سپورٽ موجود آهي، جنهن جي مدد سان اسٽوريج کي 256 جي بي تائين وڌائي سگهجي ٿو. ان فون ۾ بيڪ تي 16 ۽ 5 ميگا پڪسل جو ڊوئل ڪئميرا سيٽ اپ ڏنو ويو آهي، جڏهن ته فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل ڪئميرا سيلفي لاءِ موجود آهي. سام سنگ ان فون ۾ 3500 ايم اي ايڇ جي طاقتور بيٽري ڏني آهي. سام سنگ موجب اها نئين فون چيٽ اوور ويڊيو فيچر سان ليس آهي، جيڪو واهپيدارن کي چيٽنگ دوران ويڊيو ڏيکارڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، ان کانسواءِ ٽرانسپيرنٽ جو بورڊ موجود آهي، جيڪو ويڊيو ڏسندي چيٽ ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري ٿو. اها فون 5 آگسٽ کان ڀارت ۾ 16 هزار 9 سئو رپين (لڳ ڀڳ 31 هزار پاڪستاني رپين) ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

يوٽيوب 2019 ۾ نوان فيچر متعارف ڪرائيندو

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) يوٽيوب سال 2019 ۾ پنهنجي ڊيش بورڊ ۾ وڌيڪ فيچرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے