15 جمعرات , نومبر 2018

عمران خان بني گالا ايندڙ اڳواڻن جي موبائيل فون آڻڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان اليڪشن ۾ فتح کان پوءِ وڌيڪ محتاط ٿي ويو ۽ هن بني گالا ايندڙ اڳواڻن جي موبائيل فون اندر آڻڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. خانگي ٽي وي چينل جي ذريعن موجب ڪجهه ئي ڏينهن ۾ باضابط طور تي پاڪستان جو وزير اعظم بڻجندڙ عمران خان اليڪشن ۾ فتح کان پوءِ محتاط ٿي ويو ۽ هن سيڪيورٽي پروٽوڪول کي فالو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان بني گالا ۾ ايندڙ اڳواڻن جي موبائيل فون آڻڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. عمران خان ملاقات لاءِ ايندڙ اڳواڻڻ کي فون ٻاهر جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته عمران خان پارٽي اڳواڻڻ کي فون ڊرائنگ روم ۾ آڻڻ کان به منع ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

متروڪه وقف املاڪ بورڊ جو چيئرمين اقليت مان لڳائڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ حڪومت کي متروڪه وقف املاڪ بورڊ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے