17 ہفتہ , نومبر 2018

حساس ادارن جي خلاف جسٽس شوڪت عزيز جا ريمارڪس حذف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حساس ادارن جي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي جا ريمارڪس عدالتي آرڊر سان حذف ڪيا ويا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ حساس ادارن جي خلاف ريمارڪس حذف ڪرڻ جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. بچاءَ واري وزارت جي درخواست تي هاءِ ڪورٽ عدالت آرڊر سان جسٽس شوڪت عزيز صديقي جا ريمارڪس حذف ڪري ڇڏيا. ايڊووڪيٽ جنرل طارق محمود جهانگيري چيو ته رجسٽرار آفيس ڪنهن به بينچ کي جوڙڻ لاءِ عدليه تي ڪو به دٻاءُ ناهي، جڏهن ته چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به بينچ جوڙڻ ۾ ڪنهن دٻاءَ جي تاثر کي رد ڪري ڇڏيو. عدالت بچاءَ واري وزارت جي درخواست منظور ڪندي معاملو اُڪلائي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے