15 جمعرات , نومبر 2018

ايران پاڪستان کي بجلي جي فراهم بند ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پارو ڊويزن جي اختيارين انڪشاف ڪيو آهي ته ايران پاڪستان کي بجلي جي سپلائي بند ڪري ڇڏي آهي. سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ دوران پاور ڊويزن جي اختيارين اِهو انڪشاف ڪيو. اختيارين ٻڌايو ته ايران بلوچستان جي مختلف ضلعن لاءِ فراهم ٿيندڙ بجلي کي بند ڪري ڇڏي آهي. پاور ڊويزن اختيارين چيو ته ايران ۾ هيٽ ويو (گرمي جي لر) جي ڪري بجلي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي جنهن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تهران ٻين ملڪن کي بجلي ڏيڻ بند ڪري ڇڏي آهي.  ايران پاڪستان کي 100 ميگا واٽ بجلي سپلائي ڪندو آهي ۽ اِها بجلي بلوچستان جي علائقن گوادر، پنجگور، پسني ۽ مڪران سميت ٻين پاسن ۾ ورهائي ويندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايس پي داوڙ قتل ڪيس: ڪي پي حڪومت کي اسلام آباد پوليس سان سهڪار جي هدايت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان ايس پي طهار داوڙ جي قتل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے