21 بدھ , نومبر 2018

ڌانڌلي جو الزام، تحريڪ لبيڪ پاڪستان طرفان 12 آگسٽ تي احتجاج جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام هڻندي 12 آگسٽ تي ڪراچي ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي، ان سان گڏوگڏ مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ ڌرڻي ۽ لانگ مارچ جي ڌمڪي به ڏني وئي آهي. مذهبي ۽ سياسي پارٽي تحريڪ لبيڪ پاڪستان تازو عام چونڊن ۾ ڪا به قومي اسيمبلي جي سيٽ حاصل نه ڪئي هئي پر ان صوبائي اسيمبلي جي ٻن سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي. جيتوڻيڪ خادم حسين رضوي جي پارٽي جا ڪيترائي اميدوار مختلف تڪن خاص طور ڪراچي ۾ ٻئي نمبر تي رهيا پر ان باوجود انهن پنهنجي شڪست کي ڌانڌلي قرار ڏنو. ٽي ايل پي ترجمان موجب چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪري اسان کي هارايو ويو. هن 12 آگسٽ تي ڪراچي ۾ احتجاج جو اعلان ڪندي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته ڌرڻي يا لانگ مارچ ڏانهن به وڃي سگهون ٿا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے